شريف سولنگي

شريف سولنگي: سياسي اڳواڻ محمد شريف سولنگيءَ جو جنم 6 اپريل 1962ع تي ٺارو شاهه، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ٿيو. سندس تعليم بي. ايس. سي، ايم. اي (انگلش) ۽ ايم. اي (ايڪانامڪس) هئي. شريف سولنگيءَ جي سياسي وابستگي ننڍپڻ کان وٺي پ پ سان رهي. 5 جولاءِ 1977ع تي جڏهن ذوالفقار علي ڀُٽي جي حڪومت ختم ڪري ملڪ تي مارشل لا مڙهي وئي ته هن ٺارو شاهه هاءِ اسڪول مان احتجاجي جلوس ڪڍيو. جنهن دوران گرفتار ٿيو. ٻيهر 5 جنوري 1979ع ۾ کيس والد سميت ڀٽي جي سالگرهه جي سلسلي ۾ نڪتل هڪ جلوس مان گرفتار ڪيو ويو، جنهن جو ڪيس فوجي عدالت ۾ هلايو ويو. کيس پنجن ڪوڙن، 50 هزار ڏنڊ ۽ ڇهن مهينن جي سزا ڏئي نوابشاهه ڊسٽرڪٽ جيل ۾ رکيو ويو. شريف سولنگيءَ کي ذوالفقار علي ڀُٽي جي ڦاسيءَ دوران 4 اپريل 1979ع تي پڻ گرفتار ڪيو ويو. 1983ع ۾ شريف سولنگي ايم. آر. ڊي تحريڪ دوران تمام گهڻو سرگرم رهيو ۽ شاديءَ جي ڏينهن به کيس گرفتار ڪيو ويو. 1983ع ۾ ميڊيڪل ڪاليج ۾ سندس داخلا رد ڪئي وئي. 1984ع ۾ سپاف تعلقي نوشهري فيروز جو جنرل سيڪريٽري ۽ 1985ع ۾ سپاف ضلعي نوابشاهه جو صدر مقرر ٿيو. 1986ع ۾ والد سميت هڪ ڀيرو وري گرفتار ٿيو. شريف سولنگي ڪميشن جو امتحان ڏئي گورنمينٽ مهراڻ ڪاليج موري ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. هي 17 آگسٽ 2000ع ۾ روڊ حادثي ۾ وفات ڪري ويو.


لفظ شريف سولنگيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1962.04.06  عيسوي

سياسي اڳواڻ محمد شريف سولنگيءَ جو جنم 6 اپريل 1962ع تي ٺارو شاهه، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ٿيو.


2000.08.17  عيسوي

شريف سولنگي 17 آگسٽ 2000ع ۾ روڊ حادثي ۾ وفات ڪري ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پير مانڪي شريف
ڪرم علي رستماڻي ڊاڪٽر
تسنيم يعقوب
محمد صالح راهوجو
تاج محمد شيخ
سئلبئنڪ جوزف سالبئنڪ جوزف
عبدالقدير خان ڊاڪٽر
چانڊيو نواب غيبي خان
دلشاد
بلوچ عنايت
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون